ذرائع ابلاغ

ذرائع ابلاغ (Mass Media): ذرائع ابلاغ اهڙن وسيلن کي چيو وڃي ٿو، جن سان ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي، هي هڪ تعليمي موضوع آهي. هن کي پيغام وڌائيندڙ يا ڦهلائيندڙ چيو وڃي ٿو. هن شعبي ۾ اهي سڀ مشنريون، برقي وسيلا، مواد، مواصلات، سفري ۽ ٻيا ذريعا اچي وڃن ٿا، جن ذريعي پيغام تڪڙو وصول ڪندڙن تائين پهچي ٿو. ذرائع ابلاغ ۾ خاص طور ريڊيو، ٽي. وي، ڪمپيوٽر، اخبارون، ڪتاب، ۽ رسالا وغيره شامل هوندا آهن. ان کان سواءِ پمفليٽ، بل بورڊ، سائن بورڊ، ڪيٽلاگ، سوونيئر ۽ بروشرز به ذرائع ابلاغ جي زمري ۾ اچي وڃن ٿا، جن ذريعي ڪو به پيغام يا معلومات هڪ ئي وقت ۾ ماڻهن جي وڏي انگ تائين پهچائي سگھجي ٿي. پيغام، وصول ڪندڙن لاءِ ڪيتري قدر اثرائتو، ڪارآمد ۽ قابل قبول ٿئي ٿو، ان جو دارو مدار ان ڳالهه تي آهي ته ڇا ٿو موڪليو وڃي. ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿو منتقل ٿئي، ڪنهن به وسيلي يا ذريعي جو استعمال ڪيترين ئي وسيع ۽ مختلف قسمن جي رستن/وسيلن کي وجود ۾ آڻي ٿو، جن ذريعي پيغام کي وصول ڪندڙن تائين مؤثر انداز ۽ تيز رفتار سان پهچائي سگھجي ٿو.
ڪجهه وقت اڳ ذرائع ابلاغ کي تعليم عام ڪرڻ لاءِ مختلف تعليمي پروگرامن، قومي تعليمي ڪانفرنس ۽ ڪميشنن جو ذريعو بڻايو ويو، پوءِ هن موضوع جي اهميت ۽ افاديت کي نظر ۾ رکندي ڌار موضوع جي حيثيت ڏني وئي. موجوده وقت ۾ ذرائع ابلاغ وارو موضوع دنيا جي هر يونيورسٽيءَ ۾ سبجيڪٽ طور پڙهايو ويندو آهي. هن موضوع ۾ پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي فني پهلوئن کان آگاهي ڏني ويندي آهي. پرنٽ ميڊيا ۾ اخبارن ۽ رسالن ۾ ادبي، سياسي، سماجي ۽ علمي لکڻين جي هيئت بابت ڄاڻ هوندي آهي. جڏهن ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ سياسي، سماجي علمي ۽ تفريحي وغيره پروگرامن بابت معلومات فراهم ڪئي ويندي آهي. ٽاڪ شوز، انٽرويو مختلف سياسي تجزين تي مشتمل پروگرام، ڊراما ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام هن موضوع جا اهم حصا آهن.


لفظ ذرائع ابلاغھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو